درگاهه جهنگل شاهه

درگاهه جهنگل شاهه (ماڳ): جهنگل جي درگاهه دادو شهر ۾، مارڪيٽ روڊ لڳ قاضين واري مسجد جي پويان، راءِ بازار ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ ۾ موجود آهي. جهنگل شاهه، دادو شاهه اول جو سئوٽ چيو وڃي ٿو. جهنگل شاهه جي موجوده درگاهه نئين جوڙايل آهي، پر پراڻا سلسلا به نظر اچن ٿا. دادو شهر ۾ هيءَ واحد درگاهه آهي، جنهن تي هر ماهه ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ مشاعرو به ٿيندو آهي. الهنواز رڪڻائي پنهنجي حياتيءَ ۾ هتي محفلون مچائيندو هو. دادوءَ جا شاعر ۽ راڳي گڏ ٿي راڳ جي محفل ڪندا آهن. هن وقت استاد بخاريءَ جو نياڻو سيد هدايت حسين شاهه لڪياري انهيءَ درگاهه جو سجاده نشين آهي. درگاهه گارڊرن ٽيئرن جي ڇت سان ٻَڌل آهي. مٿي گنبذ گول، ڳچ کي هوا لاءِ دريون ڏنل آهن. اندر جهنگل شاهه جي قبر کان سواءِ سندس ڪن پونيرن جون قبرون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو